شو مندر ڪوٽڙي

شو مندر ڪوٽڙي

شو مندر ڪوٽڙي

شو مندر ڪوٽڙي: ڪوٽڙي شهر ۾ سنڌو درياهه جي ڪپر تي اولهه کان شو جو قديم مندر قائم آهي. هي مندر تمام گهڻو قديم آهي. ان ۾ شو ۽ پاروتيءَ جون مورتيون رکيل آهن. هر سال سموري هندستان وانگر هتي به بهار جي مند اچڻ کان اڳ ۾ مهاشوراتڙيءَ جو ميلو لڳندو آهي. اهو ميلو گهڻو ڪري فيبروريءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. هي هڪ خاص هندو تهوار آهي. مهاشوراتڙيءَ جو مقصد آهي “شو جي عظيم رات”. ڪوٽڙيءَ جي شور مندر، سنڌو درياهه تي ايندڙ ماڻهن لاءِ گهمڻ جو هڪ اهم مرڪز آهي، پٿر جي ٺهيل عمارت ۾ اندر ڪيترا وڻ لڳل آهن، ۽ اتي هڪ پروهت به رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو